جان محمد عباسيءَ جي مقبري واري مسجد

جان محمد عباسيءَ جي مقبري واري مسجد

جان محمد عباسيءَ جي مقبري واري مسجد

جان محمد عباسيءَ جي مقبري واري مسجد: هيءَ مسجد ميان جان محمد عباسيءَ جي مقبري جي ڀرسان تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. مسجد سندس مقبري جي ڀر ۾ دڙي تي آهي. اڱڻ ۾ ڪجهه قبرون اٿس، جن جون بٺيون نئين سري ويجهڙائي ۾ سيمنٽ سان پلستر ڪيون ويون آهن. مقبري وانگر مسجد تي پڻ جنسار ڪيل آهي. پيڙهه چارئي پاسا کاڄي وئي آهي، جنهن کي سيمنٽ سان ٻيهر مرمت ڪيو ويو آهي. مهاڙي ٽن طاقچن تي اٿس، جنهن مان وچ واري طاقچي ۾ حجري جو لنگهه آهي، جيڪو چوڪاٺي سميت ڪاٺ جو ٺهيل آهي. ٻنهي پاسن کان دريون اٿس. پاسن وارن طاقچن ۾ ڪالم ڪڍي نمائشي درين جا نمونا ڇڏيا ويا آهن. ڪنڊن تي ٿنڀڙيون ۽ انهن تي نيلون لڳل آهن. ڇت تي گنبذ گچ کانسواءِ ئي رکي تعمير ڪيو ويو آهي. مهاڙيءَ ۾ بٺين نما ٿنڀڙين تي ڪنگريون هيون، جيڪي ڀڄي ڀري ويون آهن. جڏهن ته ساڳي نموني جون ڪنگريون باقي ٻنهي پاسن کان سلامت بيٺيون آهن. مسجد پڪين سرن سان تعمير ٿيل آهي. فقط مهاڙيءَ ۾ چونو ٿيل اٿس، مقبري جو رنگ ماحول جي آلودگي ۽ برساتن وغيره سبب ڦٽي ڪارسرو ٿي ويو آهي. چؤڌاري زرعي زمين ۾ پوکي سبب مسجد جي ديوارن کي ڪلر کائيندو ٿو وڃي. مسجد قديم يادگار هئڻ سميت تعميراتي فن ۽ رٿ ۾ اعلى نموني واري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو